غزا ( ويب ڊيسڪ ) غزا جي سڀ کان وڏي الشفا اسپتال جي ڪمپائونڊ ۾ 179 شهيد فلسطينين جي اجتمائي قبر ۾ تدفين ڪئي وئي.
غزا جي الشفا اسپتال جي ڊائريڪٽر محمد ابو سلميه جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ موجود 179 لاشن کي اسپتال جي ڪمپائونڊ ۾ اجتمائي قبر ۾ دفنايو ويو آهي.
واضح رهي ته ڪيئي ڏينهن کان الشفا اسپتال اسرائيلي فوج جي گهيري هيٺ آهي ۽ اندر موجود ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته بجلي جي جنريٽرز لاءِ ٻارڻ نه هئڻ سبب هو مريضن جو علاج ڪرڻ کان لاچار آهي.
Next Post
You might also like