ڪراچي (رپورٽ: مھدي بلوچ) سنڌ اندر "ملڪ رياض رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي ، بحريا ٽائون وٽ 2 لک 31 هزار ايڪڙ زمين قبضي هيٺ هجڻ جو انڪشاف ،بحريا ٽائون خلاف پهرين پٽيشنر ۽ سپريم ڪورٽ جي قائم ڪيل سروي ڪاميٽي جي ميمبر محمود اختر نقوي جو انڪشاف. قانوني اجازت رڳو 16 ھزار ايڪڙ جي پر بحريا ٽائون ڪراچي اولڊ 58 حد تائين ايڪڙن تي پکيڙيل، رپورٽ ۾ انڪشاف. هزارين عمارتن جي نقشن جا چالان به بحريا ٽائون اوڳاڙڻ لڳو، اربين ربين جا چالان سنڌ حڪومت بدران ملڪ رياض کي مليا ذريعا. تفصيل موجب ملڪ رياض پاران بحريا ٽائون ڪراچيءَ کي حب چوڪي ۽ کيرٿر پارڪ تائين وڌائڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. ھڪ رپورٽ ۾ جاري ڪيل بحريه ٽائون اولڊ جي 58 پريسينٽ جا مبينا ھٿرادو لي آئوٽ پلان عوامي آواز ھٿ ڪري ورتا آھن، 58 حد تائين جا لي آئوٽ پلان بحريا ٽائون جا ئي جاري ڪيل آھن جن ۾ 37777 ايڪڙ زمين تي قبضو ٿيل آھي. رپورٽ ۾ نه رڳو لي آئوٽ پر ھر حد ۾ رھائشي توڙي ڪمرشل پلاٽن جا تفصيل ۽ ريٽ به لکيا ويا آھن.ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو ته بحريا ٽائون ڪراچي جون 60 کان مٿي حد تيار ٿي ويون آھن جتي تعميراتي ڪم جاري آھي، بحريا ٽائون ڪراچي جو قبضو نيشنل کيرٿر پارڪ ۽ حب چوڪي تائين وڌي ويو آهي، ياد رھي ته رپورٽ ۾ زمين جو ملهه 43 کربن کان به وڌيڪ ٻڌايو ويو آھي جڏھن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي عدالت پاران بحريه ٽائون کي 16 ھزار ايڪڙ زمين ڏيڻ ۽ 460 ارب رپيا وٺڻ جو فيصلو اڳ ئي ٻڌايو ويو آھي پر تنھن باوجود 460 ارب بحريه انتظاميا پاران حڪومت يا سپريم ڪورٽ کي ناھن ملي سگهيا، گڏوگڏ سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي مڪمل رڪارڊ کڻي اچڻ جو پڻ چئي چڪي آھي جنھن جي ٻڌڻي 23 نومبر تي ٿيندي.
ملڪ رياض سان گڏ پ پ جا ماڻهو به جيل ۾ وڌا وڃن: اياز لطيف
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مستقل مفادن جو ذميوار ڪير آهي، نسلا ٽاور ٺهڻ وقت ڪوئي نه جاڳيو جنهن بعد ماڻهن جا لڳل ڪروڙين رپيا ضايع ٿي ويا. هن چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ سنڌ حڪومت پهريان قدم ڇو نه کنيا جو ماڻهن جا لکين، ڪروڙين رپياٻڏي ويا، رڳو ڳالھه ملڪ رياض جي ناهي زمينون ڏيندڙ سنڌ حڪومت جي وزيرن، بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر ۽ ٻين عملدارن کي به جيل ۾ وڌو وڃي جن سنڌ جي ماڻهن کي عذاب ۾ وڌو آهي، پهرين ڳوٺن جي ماڻهن کي پوليس کان مار ڏياري وئي ۽ هاڻي جن ماڻهن سيڙپڪاري ڪئي انهن کي دربدر ڪيو پيو وڃي، ان لاءِ ملڪ رياض سان گڏ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جا ملوث هڙئي ماڻهو به پڪڙي جيل ۾ حوالي ڪيا وڃن.
بحريا ٽائون ڪوڙ ۽ فراڊ جو منصوبو آهي:رياض چانڊيو
جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جسٽس کوسي جو فيصلو انصاف کان هٽيل هو، جسٽس کوسو جي عدالت ملڪ رياض کي 16 هزار ايڪڙ زمين ڏئي بقايا خالي ڪرائڻ جو چيو جڏهن ته پيسا جمع ڪرائڻ جو به چيو، اهي پيسا به سنڌ کي نه مليا ۽ هاڻي هو چوي ٿو ته مان پيسا نه ٿو ڏئي سگهان. هن چيو ته ملڪ رياض مقامي ماڻهن جا ڳوٺ، گهر ۽ قبرستان ڊاهي پٽ ڪري 2 لک ايڪڙ کان مٿي زمين قبضو ڪري ويو آهي. هن چيو ته بحريا ٽائون ماحولياتي برباديء جو به سنڌ واسين لاءِ هڪ منصوبو آهي، بحريا ٽائون ٺاهيندي سنڌ جون نديون، نالا تباھ جڏهن ته پهاڙ ڪٽيا ويا ۽ جهنگلي جيوت جو خاتمو ٿيو آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ جي ڀرپاسي ۽ ڄامشوري جي ڳوٺن ۾ سالن کان رهندڙ ماڻهن مٿان پوليس ۽ هيوي مشينري غير قانوني طور ڊيموگرافي ۽ ماحول جي بربادي ڪئي. هن چيو ته بحريا ٽائون ڪوڙ ۽ فراڊ جو منصوبو آهي، اسان سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪريون ته ملڪ رياض جي قبضي ڪيل 2 لک ايڪڙ زمين کي خالي ڪرايو وڃي.
2 لک 31 هزار زمين تي ملڪ رياض جو قبضو آهي: محمود اختر نقوي
بحريا ٽائون جي هڙني پراجيڪٽس خلاف عدالت جي پهريون ڀيرو در کڙڪائيندڙ ۽ سپريم ڪورٽ پاران مقرر ڪيل سروي ڪاميٽي جي ميمبر محمود اختر نقوي بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي زمين بابت وڏو بيان ڏيندي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بحريا ٽائون اولڊ 40 هزار ايڪڙ، بحريه ٽائون 2 جو 50 هزار ايڪڙ، بحرياگرين 55 هزار ايڪڙ، نيشنل کيرٿر پارڪ وٽان 40 هزار ايڪڙ ۽ ٻي زمين ملائي ڪل 2 لک 31 هزار زمين تي ملڪ رياض جو قبضو آهي ۽ سموري زمين جو انچ انچ منهنجو ڳڻيل آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي سپريم ڪورٽ واري ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي معزز جج بحريه ٽائون جي سروي ڪاميٽي ۾ مونکي به ميمبر ڪيو آهي، ملڪ رياض واريءَ جو بت آهي جيڪو جلد ڊهي پٽ ٿي ويندو، هن چيو ته ملڪ رياض جا ستايل ماڻهو عدالت جو در کڙڪائين ته آئون انهن کي به پنهنجي ڪيس جو حصو بڻائيندس ۽ مفت ڪيس وڙهندس. هن وڌيڪ چيو ته بحريه واسين کي هراسان ڪرڻ لاءِ به ملڪ رياض پنهنجي فورس قائم ڪئي آهي جيڪي بحريه ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڌمڪائيندا آهن، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جا وڏا وڏا نالا ملڪ رياض سان ڀاڱي ڀائيوار آهن.
هزارين عمارتون،گهر ۽ بنگلا غيرقانوني هجڻ جو انڪشاف
بحريا ٽائون ڪراچيءَ جون هزارين ھاءِ رائيز عمارتون، ڪمرشل توڙي رهائشي گهر ۽ بنگلا غيرقانوني ھجڻ جو انڪشاف، ذريعن جو چوڻ آھي ته ڪيتري ئي وقت کان سرڪار نه پر ملڪ رياض ئي نقشا پاس ڪندو رھيو آھي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي 1979 ايڪٽ موجب سنڌ ۾ اڏجندڙ هر عمارت کي سنڌ حڪومت جو ادارو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ئي نقشو پاس ڪري چالان جا پيسا اڳاڙيندو ۽ اجازت پڻ ڏيندو پر ملڪ رياض پاران قائم ڪيل ٽائون پلاننگ ڊپارٽمينٽ بحريه ٽائون نقشا پاس ڪري ڏيندو رهيو ۽ نقشن جا پيسا اڳاڙيندو رهيو، سنڌ حڪومت جا هڙئي ادارا ان عمل خلاف سالن کان ماٺ ۾ رهيا، ذريعن موجب بحريه ٽائون جون سموريون عمارتون توڙي گهرن جا نقشا سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مان پاس ئي نه ٿيا جنهن سبب سنڌ حڪومت جا اربين رپيا ملڪ رياض ڦٻائي ويو. ياد رھي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي يا ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ ايندڙ ايريا جي سموري سنڌ ۾ ٺھندڙ عمارتن، گهرن، پيٽرول پمپن توڙي ھر قسم جي جاءِ لاءِ قانون موجب اجارت ڏيڻي ھوندي آھي، قانوني گهرجون پوريون نه ھجڻ سبب جاءِ سِيل يا ڊاھي ويندي آھي.
بحريا ٽائون انتظاميا رهواسين جون گاڏيون چالان ڪري ڀتو اوڳاڙڻ لڳي
ٽريفڪ پوليس جو ڪم به بحريا انتظاميا ڪرڻ لڳي، رھواسين جون گاڏيون ڪاھي چالان ۽ ڀتو وٺڻ جي رپورٽ به عوامي آواز رپورٽ ڪري چڪي آھي جنھن ۾ رھواسي خالد چانڊيو جي الٽو گاڏي جي چوري ٿي جنھن بعد خبر پئي ته بحريا فيسليٽيشن جو جنرل مينيجر گاڏي کڻائي ويو ھو، بحريا جي رھواسي عوامي آواز کي پڻ ٻڌايو ھو ته بحريه فيسليٽيشن جو جنرل مينيجر مرتضيٰ 10 ھزار طلب ڪري رھيو آھي. ياد رھي ته ڪنھن به ھائوسنگ سوسائٽي ۾ اھڙي قسم جا قانون ناھن جھڙا بحريه انتظاميا رھواسين لاءِ ٺاھيا آھن،
بحريا ٽائون هن مهل تائين رڳو 65 ارب رپيا جمع ڪرايا
ياد رهي ته بحريا ٽائون جو وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران معزز جج سامهون اعتراف ڪري چڪو آهي ته هن مهل تائين بحريا ٽائون رڳو 65 ارب رپيا جمع ڪرايا آهن. وڪيل جي ڪورٽ ۾ ڏنل بيان مان ثابت ٿي پيو ته بقايا 395 ارب هن مهل به ملڪ رياض اڃا تائين جمع نه ڪرايا آهن.