خراب بالنگ حارث ۽ شاهين جي، ماڻهو گاريون مون کي ڏئي رهيا آهن: عاقب جاويد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز لاهور قلندرز جي ڊائريڪٽر عاقب جاويد فاسٽ بالر شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف کي ٽي ٽوئنٽي جو بالر قرار ڏئي ڇڏيو.
آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالرن جي بُري ڪارڪردگي کانپوءِ مٿن سخت تنقيد جاري آهي، هاڻ عاقب جاويد طرفان ان معاملي تي وضاحت پيش ڪئي وئي آهي.
نجي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ گفتگو ڪندي عاقب جاويد چيو ته اسان شاهين ۽ حارث کي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ لاءِ سکيا ڏني، مون کي گذريل هفتي کان گاريون ڏنيون پيون وڃن.
اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر چيو ته حارث ۽ شاهين جي خراب بالنگ تي مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو پيو وڃي، کين رڳو ٽي ٽوئنٽي لاءِ سکيا ڏني هئي ون ڊي لاءِ ڪرڪيٽ لاءِ نه.
هن چيوته اسان پاڪستان کي کين ٽي ٽوئنٽي بالر طور ڏنو پر مئنيجمينٽ کين ون ڊي کيڏائي رهي آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ورلڊ ڪو جو سفر تمام ٿي چڪو آهي جڏهن ته ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن ٽاپ فور لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.