ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فحاشي وڌي وڃڻ سميت ٻين سببن جي ڪري ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نيپالي ڪابينا ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
نيپال جي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير ريکا شرما چيو آهي ته اهو فيصلو ٽڪ ٽاڪ جي ڪري نيپال جي سماجي هم آهنگي کي نقصان پهچڻ سبب ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته مشهور وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري مختلف ڌرين وٽان ان تي پابندي لڳائڻ جو چيو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پابندي تي جلد عمل ڪيو ويندو پر هن اڃا تائين ڪنهن تاريخ جو اعلان نه ڪيو آهي، انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙن کي ايپ کي بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويندي.
ان حوالي سان ٽڪ ٽاڪ طرفان اڃا تائين ڪو به ردعمل سامهون نه آيو آهي.
ٻئي طرف نيپال ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن حڪومتي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي ٻين ايپس ۾ به تمام گهڻو اعتراض ڪندڙ مواد موجود آهي، اسان کي ڪنهن تي پابندي لڳائڻ بدران ان کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ گهرجي.