ڪار حادثي ۾ 6 ڄڻن جو موت، گرفتار ننڍي عمر جي جوابدار وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪار حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جي 6 ڄڻن جي موت جي واقعي ۾ گرفتار ننڍي عمر جي جوابدار افنان جو اعترافي بيان سامهون اچي ويو، جنهن ۾ هن گاڏي جي اسپيڊ 100 کان وڌيڪ هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
لاهور جي علائقي ڊفينس ۾ ننڍي عمر جي ڊرائيور جي گاڏي جي ٽڪر سان ڪار ۾ سوار 6 ڄڻن جي موت جي واقعي جي جاچ جاري آهي.
واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ تيز رفتاري، غفلت، لاپرواهي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
واقعي ۾ گرفتار ننڍي عمر جي جوابدار عفنان جو پوليس کي ڏنل وڊيو بيان سامهون اچي ويو، جنهن ۾ هن گاڏي جي اسپيڊ 100 کان وڌيڪ هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
جوابدار چيو ته مان اٺين درجي جو شاگرد آهيان، گاڏي هڪ سال کان هلائي رهيو آهيان، سئوٽ کان گاڏي هلائڻ سکي، والدين گاڏي ڪڍڻ کان روڪيو هو.
هن چيو گاڏي جي رفتار 110 جي هئي ته اوچتو سامهون کان ٻي گاڏي اچي وئي، ٻنهي پاسن کان بيريئر هئا ۽ گاڏي ڪڍڻ جو ڪو رستو نه بچيو هو.
پوليس ٻڌايو ته گاڏي ۾ جوابدار سان گڏ 3 کان 4 دوست به سوار هئا ۽ سڀني ماني کائڻ وڃي رهيا هئا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن لاهور ۾ ڊفينس فيز سيون ۾ پيش آيل حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جا 6 ڀاتي فوت ٿي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.