اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ تحٽ بجلي جي قيمت ۾ واڌ تقريبن 1.70 رپيا في يونٽ ٺهندي.
ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي نيپرا سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، نيپرا جولاءِ کان سيپٽمبر 2023 جي ايڊجسٽمينٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي، ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي قيمت ۾ واڌ تقريبن 1.70 رپيا في يونٽ ٺهندي.
نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته برابر ٽيرف لاءِ ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي.
ڊسڪوز بجلي واهپيدارن تي 22 ارب 56 ڪروڙ رپين جي واڌو بار جي درخواست ڪئي آهي ۽ ڪمپنين ڪيپيسٽي چارجز جي مد ۾ 12 ارب 12 ڪروڙ 60 لک رپيا وصولي جي اجازت گهري آهي.
يوز آف سسٽم چارجز تحت 10 ارب 24 ڪروڙ 70 لک رپيا وصولي جي درخواست ڪئي وئي آهي ۽ آپريشن اينڊ مينٽيننس جي مد ۾ 4 ارب 61 ڪروڙ 70 لک رپيا گهريا ويا آهن.
ان کانسواءِ نقصانن جي مد ۾ 6 ارب 61 ڪروڙ 70 لک رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست آهي.ا
Prev Post
You might also like