ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، ٻن مهينن دوران 40 کان وڌيڪ ڦورو ماريا ويا.
هن چيو ته ڪجهه وارداتون ٿي رهيون آهن پر جلد انهن جو به خاتمو ڪيو ويندو، پرڏيهين جي واپسي لاءِ به آپريشن جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته غير قانوني پرڏيهين يج واپسي جي آپريشن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، اسان ماڻهن سان انتهائي احترام سان پيش اچي رهيا آهيون، سڀني غير قانونين کي ڪڍيو پيو وڃي.
امن امان جي صورتحال بهتر پئي ٿئي، سڀني غير قانونين کي ڪڍيو ويندو: سنڌ جو نگران گهرو وزير
You might also like