پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي، هڪ ٻيو تاريخي رڪارڊ قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ پهريون ڀيرو تاريخ جي بلند ترين سطح 56 هزار جي نفسياتي حد پار ڪري وئي، هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 745 پوائنٽن جي واڌ ٿي.
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ به زبردست تيزي جو رجحان رهيو ۽ مارڪيٽ هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن به زبردست تيزي سان سرگرمين جي شروعات ٿي ۽ هنڊريڊ انڊيڪس 745 پوائنٽن جي واڌ سان تاريخ جي بلند ترين سطح 56 هزار جي نفسياتي حد پار ڪري ويو، جيڪا هيل تائين پاڪستان ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي.
هنڊرڊ انڊيڪس ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 56 هزار 136 پوائنٽن تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.