بابر اعظم کي ڪپتاني ڇڏڻي پوندي: ڪامران اڪمل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل چيو آهي ته ڪيئي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته پي ايس ايل جي بنياد تي قومي ٽيم نه چونڊي وڃي، اهڙين فيصلن جا ٽيم تي خراب اثر پيا.

هڪ بيان ۾ ڪامران اڪمل چيو ته اسان کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي ڍانچي کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي، هر فارميٽ جو ڌار ڪپتان نه وائيٽ ۽ ريڊ بال جو الڳ ڪپتان هئڻ گهرجي.

هن چيو ته بابر اعظم کي پنهنجي ڪپتاني بابت سوچڻو پوندو، جيڪڏهن کيس وڏي اننگز کيڏڻي آهي ته ڪپتاني ڇڏڻي پوندي.

ڪامران اڪمل وڌيڪ چيو ته چهرا نه بدليو سوچ بدلايو، جيڪڏهن ننڍين ٽيمن کي هارائي خوش ٿيندا ته ائين ئي ٿيندو، اسان کي ماڊرن ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي تڏهين ئي تبديلي ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.