آسٽريليا جو دورو، پاڪستان ٽيم جو ڪپتان ڪنهن بڻايو وڃي؟ آفريدي ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر شاهد آفريديءَ چيو آهي ته پاڪستان ٽيم مان وڏيون اميدون هيون پر رانديگر پنهنجي صلاحيتن پٽاندڙ ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا.

هڪ بيان ۾ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته اسان وٽ رانديگر به هئا ڪنڊيشن به هئي، اسان اسڪلز مطابق پرفارم نه ڪيو.

هن چيوته ورلڊ ڪپ کانپوءِ اهڙي قسم جو ماحول هوندو آهي، بورڊ کي علائقائي ڪرڪيٽ ٽي ڪم ڪرڻو پوندو، آسٽريليا جي دوري لاءِ ٽيم جي قيادت بابر اعظم کي ئي ڪرڻ گهرجي.

شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته جن ٽيمن سٺو کيڏيو اُهي مٿي آهن، وڏن ايونٽن ۾ دٻاءُ برداشت ڪرڻو پوندو آهي، اوهان ايتريون غلطيون ڪندا ته پوءِ اوهان کٽي نٿا سگهو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.