پاڪستان ۾ نئين بيماري پکڙجڻ لڳي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انتهائي ناياب فنگل انفيڪشن هسٽوپلازموسس اسلام آباد ۾ پکڙجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پمز اسپتال جي انفيڪشن ڊزيز ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر نسيم اختر موجب اسلام آباد ۾ فنگل انفيڪشن هسٽوپلازموسس جا ٻه ڪيس سامهون آيا آهن، ان بيماري سان هڪ شخص فوت ٿيو ۽ ٻيو صحتياب ٿي رهيو آهي.
ڊاڪٽر نسيم اختر ٻڌايو ته اسان جو خيال هو اها بيماري پاڪستان ۾ ناهي، ٻن مريضن ۾ ان جي سڃاڻپ کانپوءِ خبر پئي، هيل تائين ملڪ جي ٻئي ڪنهن علائقي ۾ ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو.
سندس چوڻ هو ته پمز ۾ يورينري هسٽوپلازما اينٽي جن ٽيسٽ جي سهولت ڏني وڃي، پمز اسپتال ۾ ٻيون جديد ٽيسٽون ۽ اينٽي وائرل ۽ اينٽي فنگل دوائون به ڏنيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.