خواهش هئي ته پاڪستان عالمي ڪپ کٽي: يونس خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪوچ يونس خان چيو آهي ته خواهش هئي ته پاڪستان وڌيڪ عالمي ايونٽ کٽي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان يونس خان چيو ته مون کي لڳي ٿو ته اسان وٽ وڌيڪ ڪپ هئڻ گهرجن ها.

هن چيو ته عالمي ڪپ دوران پاڪستاني ٽيم مان وڏيون اميدون هيون، خواهش هئي ته پاڪستان ميگا ايونٽ پنهنجي نالي ڪري.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان اڄ تائين رڳو ٽي عالمي ايونٽ کٽي سگهيو آهي، 2009 ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڪاميابي وارو سفر هڪ ڀيرو وري آمريڪا ۾ ورجائڻ چاهيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.