پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ غير قانوني افغانين جي ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ وڏن شهرن ۾ وڏي انگ ۾ غير قانوني افغانين جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڪي پي حڪومت غير قانوني افغانين جي ڊيٽا گڏ ڪري ورتي، صوبي جي 32 ضلعن ۾ موجود افغانين جي ڊيٽا گهرو وزارت کي موڪلي وئي آهي.
دستاويز موجب صوبي جي وڏن شهرن ۾ 22 هزار 347 غير قانوني افغانين جي نشاندهي ٿي آهي، پشاور ۾ 17 هزار 832 غير قانوني افغانين جي نشاندهي ٿي.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيبر ۾ 1523، ڪوهاٽ ۾ 1228 افغانين جي نشاندهي ٿي، جڏهن ته بٽگرام، ٽانڪ، تورغر، ڪوهستان، صوابي، وزيرستان، مانسهرا مان ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي.
You might also like