واهپيدارن جي واٽس ايپ چيٽس تائين ٻين ماڻهن جي پهچ روڪڻ لاءِ هڪ نئين فيچر جو وڌارو ڪيو ويو آهي.
ميتا جي ملڪيت ايپ ۾ سيڪرٽ ڪوڊ نالي هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويوآهي.
اهو فيچر فلحال اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، چيٽ لاڪ فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سيڪرٽ ڪوڊ جو وڌارو ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته چيٽ لاڪ نالي فيچر مئي ۾ متعارف ڪرايو ويو جنهن ذريعي مختلفچيٽس کي هڪ فولڊر ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ان تائين پهچن فون ان لاڪ جي طريقيڪار ذريعي ممڪن هوندو آهي.
سيڪرٽ ڪوڊ فيچر ذريعي واهپيدار پنهنجي لاڪ چيٽس کي وڌيڪ محفوظ بڻائي سگهندا.
واهيپدار پنهنجي چيٽس کي فون اِن لاڪ واري طريقيڪار سان گڏوگڏ هڪ سيڪرٽ ڪوڊ ذريعي محفوظ بنائي سگهندا.
سيڪرٽ ڪوڊ وارو فيچر لاڪ جي سيٽنگز اندر هوندو.
رپورٽ موجب، جن چيٽس کي لاڪ ڪيو ويندو، اِهي چيٽ لسٽ ۾ نظر نه اينديون پر ان تائين پهچ لاءِ واهيپدارن کي چيٽ ٽيب تي موجود سرچ بار ۾ سيڪرٽ ڪوڊ داخل ڪرڻو پوندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نئين فيچر سان صارفين جي پرائيويسي وڌيڪ بهتر ٿيندي ڇو ته سندن لاڪ ڪئي ويندڙ چيٽس سامهون نظر نه اينديون.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيئن ته لاڪ چيٽس واري لسٽ نظرن کان اوجهل هوندي انڪري ڪنهن صارف جي فون کي جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو استعمال ڪندو، تڏهن به ان لاءِ حساس چيٽ تائين پهچن ناممڪن هوندي.