دنيا بابت ڪجهه ڄاڻڻو هجي ته گهڻي قدر ماڻهو گوگل سرچ انچڻ جو رخ ڪندا آهن.
هاڻ دنيا جي مشهور ترين سرچ انجڻ کي مختلف مضمونن جي سوالن جا جواب ڄاڻن لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
گوگل طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ سرچ انجڻ ۾ لينس ٽول کي اَپ ڊيٽ ڪيو ويو هو ته جيئن واهپيدار جيوميٽري، فزڪس ۽ ٽرگنوميٽري جا مسئلا حل ڪري سگهن.
اَپ ڊيٽ کانپوءِ سرچ بار تي رياضيءَ جا مسئلا لکت يا لينس ۾ فوٽو ڪڍي درست جواب حاصل ڪري سگهجن ٿا جڏهن ته سرچ انجڻ طرفان جواب جي وضاحت به ڪئي ويندي.
هن فيچر تحت ڊيسڪ ٽاپ ورجن بار تي math solver لکي به رسائي حاصل ڪرڻ ممڪن آهي.
هي نئون فيچر هوريان هوريان متعارف ڪرايو پيو وڃي ۽ ايندڙ هفتن ۾ سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو.
ڪمپني موجب، لينس ٽول ۾ خاص مسئلن جا جواب ملي سگهندا.
گوگل موجب، ملٽي ٽاسڪ يويفائيڊ ماڊل کي جيوميٽري ۽ فزڪس جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت گوگل لکت، تصويرن ۽ وڊيوز ذريعي ڪئي ويندڙ ڳولا کي سمجهڻ کانپوءِ جواب ڏيندو.
ڪمپني اِهو واضه ناهي ڪيو ته سرچ انجڻ ڪنهن حد تائين درست جواب ڏيڻ جي صلاهيت رکي ٿي.
پر ان جو چوڻ آهي ته آزمائشي مرحلن دوران سرچ انجڻ يا لينس طرفان درست جواب ڏيڻ جي شرغ تمام گهڻي هئي.