اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ مان غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي ۽ 12 نومبر تي وڌيڪ 3034 غير قانوني افغاني پنهنجي ملڪ هليا ويا.
31 آڪٽوبر جي ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ کانپوءِ غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ روز هزارن جي انگ ۾ افغان شهرين کي واپس موڪليو پيو وڃي.
12 نومبر تي واپس ويندڙ افغان شهرين جو انگ 3034 آهي، جن ۾ 761 مرد، 732 عورتون ۽ 1550 ٻار شامل آهن.
انگن اکرن موجب هيل تائين مجموعي طور تي ٻه لک 32 هزار 398 غير قانوني افغان شهرين جي واپسي ٿي چڪي آهي، جڏهن ته واپسيءَ لاءِ وڏي انگ ۾ افغان شهرين جو انگ چمن ۽ طورخم بارڊر تي موجود آهي.
Prev Post
You might also like