ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ اسڪولن ۾ نئون تعليمي سال پندرنهن اپريل کان شروع ٿيندو جڏهن ته سياري ۽ گرمين جي موڪلن جو پراڻو شيڊيول برقرار رهندو.
تليم کاتي جي ترجمان موجب، تعليم واري نگران وزير رعنا حسين جي صدارت هيٺ اسٽيرنگ ڪميٽي جي ماتحت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ اسڪولن جو نئون تعليمي سال پندرنهن اپريل ۽ ڪاليجن ۾ نئون سال پهرين آگسٽ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب، سياري ۽ گرمين جي موڪلن جو پراڻو شيڊيول برقرار رکيو ويو آهي ۽ ميٽرڪ جا امتحان مئي جي پهرين هفتي جڏهن ته انٽرميڊئيٽ جا امتحان مئي جي آخري هفتي کان شروع ٿيندا.
ترجمان موجب، ميٽرڪ جي نتيجن جو اعلان 31 جولاءِ ۽ انٽر جا نتيجا آگسٽ جي ٻئي هفتي تائين پڌرا ڪيا ويندا جڏهن ته گرمين جي موڪلن ۾ استادن لاءِ 15 ڏينهن جو تربيتي سيشن ڪيو ويندو.