آءِ فون 16 سيريز ۾ ڇا ڇا هوندو؟ اهم معلومات ليڪ

آءِ فون 15 سيريز کي متعارف ٿئي اڃا گهڻو عرصو ناهي گذريو پر ايندڙ سال لاءِ ايپل جي نئين ڊيوائسز بابت ليڪس سامهون اچڻ لڳيون آهن.

بلو مبرگ جي هڪ رپورٽ موجب، آءِ فون 15 سيريز جي سمورن ماڊلن ۾ خاص آرٽي فيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) فيچرز شامل ڪيا ويندا.

رپورٽ ۾ اي آءِ فيچرز جا تفصيل ناهن ڄاڻايا ويا پر اِهو واضح ڪيو ويو آهي ته نوان فيچر ايپل جي نون فونز ڏانهن واهپيدارن جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هوته ايپل طرفان چيٽ جي پي ٽي طرز تي اي آءِ چيٽ بوٽ تيار ڪيو پيو وڃي.

ايپل طرفان ڊجيٽل اسسٽنٽ Siri  کي پڻ بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ ان ۾ به اي آءِ ٽيڪنالاجي جو اضافو ڪيو پيو وڃي.

آءِ فونز 16 سيريز جي چئني ماڊلز ۾ ايپل اي 18پراسيسر ڏيڻ جو امڪان آهي جڏهن آءِ او يس 18 به ان جو حصو هوندو.

رپورٽ موجب، سيريز جي فونز ۾ وڏي پئماني تي هارڊ ويئر تبديلين جو امڪان آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ماڊلز جي ساڄي پاسي پاور بٽڻ جي ويجهو هڪ نئون بٽڻ ڏيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته فائيو ايڪس آپٽيڪل زوم به ڪئمرا سيٽ اَپ جو حصو ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.