” جئه شاهه جي ڪري ئي سريلنڪن ڪرڪيٽ تباهه ٿي وئي“ رانا ٽنگا جو الزام

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ارجونا رانا ٽنگا ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي سيڪريٽري تي الزام مڙهندي چيو آهي ته جئه شاهه ئي سريلنڪا جي ڪرڪيٽ هلائي رهيو آهي.

ارجونا رانا ٽنگا هڪ بيان ۾ چيو ته جئه شاهه جي دٻاءُ سبب سريلنڪن ڪرڪيٽ تباهه ڪئي وئي، ڀارت ۾ ويٺل هڪ ماڻهو سريلنڪا جي ڪرڪيٽ هلائي رهيو آهي.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته جئه شاهه پنهنجي پيءَ ( ڀارتي گهرو وزير امت شاهه) جي ڪري طاقور آهي، بي سي سي آءِ سمجهي ٿو ته هو سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو.

ياد رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي بدترين شڪست کانپوءِ سريلنڪا جي راندين واري وزير پوري بورڊ کي برطرف ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪرڪيٽ بورڊ ۾ حڪومت مداخلت کانپوءِ آءِ سي سي سريلنڪا جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.