رانديگرن رزلٽ نه ڏني، ٽيم ۾ تبديلي اچڻ گهرجي: وهاب رياض

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر وهاب رياض چيو آهي ته رانديگرن جي ذات تي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي پر سندن ڪارڪردگيءَ کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ گهرجي.

وهاب رياض ماڊل هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو جنهن دوران هن ٻارن سان گڏ ڪرڪيٽ پڻ کيڏي.

ان موقعي تي وهاب رياض چيو ته ٽيم کي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ گهرجي، ڦيرڦار حل نه آهي، سڀ رانديگر ڊگهي عرصي کان گڏ کيڏي رهيا هئا، جيڪڏهن ان باوجود ٽيم پرفارم نه ڪري سگهي ته پوءِ تبديليون ڪرڻ گهرجن.

هن چيو ته اسان جي سليڪشن ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي ائين نه ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جيڪا تبديلي آڻڻ چاهي ته اِها اچڻ گهرجي، رانديگرن ذات بدران سندن ڪارڪردگي تي تنقيد ڪرڻ گهرجي.

هن چيو آسٽريليا جو دورو سدائين مشڪل هوندو آهي، رانديگرن کي پنهنجي پرفارمنس ذريعي ان دورو تي اثرانداز ٿيڻ پوندو.

وهاب رياض وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل لاءِ تياري ڪري رهيو آهيان ان کانسواءِ ٻين مختلف ليگز ۾ پڻ کيڏندي نظر ايندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.