روهت شرما، اي بي ڊيويليئرز جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪپتان روهت شرما هڪ سال دوران سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻي تاريخ رقم ڪري ڇڏي.

روهت شرما اِهو رڪارڊ آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ نيڌرلينڊز خلاف ميچ ۾ ٽوڙيو.

روهت شرما کان اڳ اِهو رڪارڊ ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي اسٽار بيٽر اي بي ڊيويليئرز  وٽ هيو.

اي بي ڊيوليئرز سال 2015 ۾ سڀ کان وڌيڪ 58 ڇڪا هنيا هئا.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by ICC (@icc)

هاڻ روهت شرما نيڌرلينڊز خلاف ميچ ۾ ٻه ڇڪا هڻي اِهو اعزاز حاصل ڪري ورتو، هو هلندڙ سال 60 ڇڪا هڻي ڇڪو آهي جڏهن ته سال ختم ٿيڻ ۾ اڃا ڏيڍ مهينو باقي آهي.

روهت شرما ميچ ۾ 54 بالن تي اٺ چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 61 رنسون ٺاهيون.

ڪولن ايڪرمين جي بال تي ميچ جي پهريون ڇڪو هڻي روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ سال دوران سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻي تاريخ رقم ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.