لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ سموگ جي تدارڪ جا انتظام بهتر نه هئڻ تي ڊي جي ماحوليات کي تبديل ڪرڻ ۽ ڇنڇر جي ڏينهن تمام سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا بند رکڻ، آفيس ۾ ٻه ڏينهن ورڪ فرام هوم واري پاليسي جوڙڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته حڪومت وٽ صرف اِهو ئي حل آهي ته پوري پنجاب ۾ موڪل ڪري ڇڏين.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم سموگ جي تدارڪ لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت حڪم تي ڪمشنر لاهور سميت ٻيا سرڪاري آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪمشنر لاهور هتي اچي ڳالهيون ڪندو آهي پر ڪارڪردگي ڪجهه نه آهي، عدالت خبردار ڪيو ته حالتون خراب ٿي رهيون آهن مختلف علائقن مان وڊيوز اچي رهيون آهن.
عدالت نگران پنجاب سرڪار کي هدايت ڪئي ته شيخوپورا، حافظ آباد، گوجرانوالا جي ڊپٽي ڪمشنرز جون بدليون ڪيو ڄاڻايل آفيسرن کي توهينِ عدالت جو نوٽيس به جاري ڪري رهيا آهيون.
عدالت حڪم ڏنو ته ڇنڇر واري ڏينهن تمام سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا بند ڪريو ۽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن ورڪ فارم هوم واري پاليسي تي عمل ڪرايو.
عدالت ڊي جي ماحوليات کي فوري طور تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.