” سدائين گيٽ نمبر چار جو ساٿ ڏنو، پر مون کي نظر لڳي وئي“

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مون سدائين گيٽ نمبر چار جو ساٿ ڏنو پر مون کي نظر لڳي وئي.

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هوته چلي دوران سندس خلاف اهڙن شهرن ۾ ڪيس داخل ٿيا جتي ڪڏهن ويو ئي ناهيان، چلي جا اثر باقي آهن اڃا ختم ناهن ٿيا.

هڪ سوال جي جواب شيخ رشيد چيو ته مخالف سياسي مهم هلائيندا رهن ڪو فرق نه ٿو پوي، هارائيندو اِهو آهي جيڪو هار قبول ڪندو آهي، الله مان مدد جي اميد اٿم.

سندس چوڻ هوته ماڻهو چوندا آهن ته اوهان سياست ناهيون ڪندا جنهن ڏينهن چونڊن جو شيڊيول ايندو سياست ڪنداسين، فلحال ڪنهن ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچي، فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي، عوام سياستدانن کان وڌيڪ سياڻو آهي.

شيخ رشيد چيوته 21 آڪٽوبر تي نواز شريف واپس آيو ۽ ٻاويهه آڪٽوبر تي مان واپس آيس، سدائين گيٽ نمبر چار جو ساٿ ڏنو پر مون کي نطر لڳي وئي، نواز شريف کي ڪڏهن نظر لڳندي ان جو انتظار رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.