نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او ) اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ غزا جي مک اسپتال الشفا جي غيرفعال ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي جڏهن ته حماس پڻ اتر غزا جون سڀئي اسپتالون بند هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته غزا جي مرڪزي اسپتال الشاف هاڻ مڪمل طور غيرفعال ٿي چڪي آهي.
ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ڊاڪٽر ٽيڊروس موجب، الشاف اسپتال ۽ ان جي ڀرپاسي مسلسل فائرنگ ۽ بمباري جاري آهي جنهن پهريان کان ڳڻتي جوڳي حالتن کي وڌيڪ بدترين بڻائي ڇڏيو آهي.
ٻئي پاسي حماس جو چوڻ آهي ته اتر غزا جي تمام اسپتالن ۾ ڪم بند ٿي ويو آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب، الشفا اسپتال ۾ اٽڪل ٻه هزار ماڻهو موجود آهن، جن ۾ مريض، طبي عملو ۽ بي گهر ماڻهو پڻ شامل آهن.
عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب، الشفا اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته کين خدشو آهي ته تازا ڄاول اٽڪل 36 ٻار آءِ سي يو ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ تي موت جو کاڄ بڻجي سگهن ٿا.
هوڏانهن گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته الشفا اسپتال جي ويجهو شديد بمباري جي نتيجي ۾ ٽي رنسون حياتي وڃائي چڪيون آهن.
اسٽاف ميمبرن جي موت تي اڄ گڏيل قومن جي اداري جو پرچم جهڪيل آهي.
گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته غزا ۾ جاري اسرائيلي بمباري سبب هينئر تائين سئو کان وڌيڪ ميمبر مارجي چڪا آهن.
ياد رهي ته ست آڪٽوبر کان غزا تي جاري اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ شهيد فلسطينن جو انگ يارنهن هزار کان وڌي چڪو آهي جن ۾ ساڍا چار هزار ٻار پڻ شامل آهن.