برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ گهرو وزير کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ گهرو وزير کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ گهرو وزير کي برطرف ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ پنهنجي ڪابينا ۾ گهرو وزير طور ذميواري انجام ڏيندڙ سويلا بريورمين کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.

ميڊيا رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته برطانوي گهرو وزير جي برطرفي ڪابينا ۾ وڏي ڦيرڦار جي شروعات آهي جڏهن ته سويلا کي ملڪ اندر فلسطين جي حق ۾ ٿيندڙ مارچ کي منهن ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي تي تنقيد ٿي رهي هئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، رشي سونڪ سويلا کي فوري طور عهدو ڇڏڻ جو چيو جنهن هن قبول ڪري ورتو.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير جيمز ڪليوري کي نئون گهرو وزير بڻائڻ جو امڪان آهي.

رپورٽس موجب، برطانوي وزيراعظم طرفان ڪابينا ۾ تبديلي سان گڏ ئي اڳوڻي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون کي به ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ داخل ٿيندي ڏٺو ويو آهي جنهن کانپوءِ سندس حڪومت ۾ واپسي جون خبرون گردش ڪري رهيو آهن.

رپورٽس موجب، رشي سونڪ طرفان ڪابينا ۾ وڏي پئماني تي ڦيرڦار ڪرڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ ڪجهه وزيرن کي هٽائي اتحادين کي ڪابينا ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.