مورني مورڪل جي استعيفيٰ، عمر گُل کي بالنگ ڪوچ بڻائڻ جو امڪان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ مورني مورڪل ليگز ڪرڪيٽ ۾ مصروفيت سبب عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته مورني مورڪل ليگز ۾ مصروفيت جي بنياد تي عهدي تان استعيفيٰ ڏني.


ذريعن موجب، مورني مورڪل کي آسٽريليا جي دوري تائين پاڪستان ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻو هو.
ٻئي پاسي عمر جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا ذريعي ڄاڻ ملي آهي ته شايد بالنگ ڪوچ لاءِ مون بابت سوچيو پيو وڃي، پر بورڊ طرفان اڃا تائين رابطو ناهي ڪيو ويو.
هن چيو ته مورني مورڪل جو ڪانٽريڪٽ شايد ڊسمبر تائين هيو، پاڪستان جي پهريان به نمائندگي ڪري چڪو آهيان، موقعو مليو ته ٻيهر ڪندس.
ياد رهي ته مورني مورڪل جو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ڇهن مهينن جو معاهدو ٿيو هو.
مورني مورڪل ليگز ڪرڪيٽ ۾ مصروفيت سبب ڊگهو معاهدو نه ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.