پشاور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ امجد آفريدي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري 16 نومبر کان خيبر پختونخواهه جو دورو ڪندو.
پ پ جي صوبائي سيڪريٽري اطلاعات امجد آفريدي پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم جي سلسلي ۾ 16 نومبر کان خيبر پختونخواهه جو دورو ڪندو.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پشاور، ايبٽ آباد، نوشهرا ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندو، ڏکڻ ضلعن ۾ سيڪيورٽي سبب ڪنوينشن ملتوي ٿيا آهن، بلاول دير ۽ چترال ۾ به جلسن سان خطاب ڪندو.
سندس چوڻ هو ته سڀني پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي، هڪ نئين پارٽي آئي آهي، جنهن کي وارو ملڻ جي اميد آهي.