ڪجهه ڪلاڪن ۾ 800 زلزلي جا لوڏا

آئيس لينڊ (ويب ڊيسڪ) آئس لينڊ ۾ ڪجهه ئي ڪلاڪن دوران 800 زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا ۽ آتش فشان ڦاٽڻ جي خطري سبب ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.

زلزلي جي مرڪز ڀرسان شهر کي به خالي ڪرايو ويو، هر طرف خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.

ياد رهي ته آئس لينڊ ۾ هڪ مهيني دوران 24 کان وڌيڪ زلزلا محسوس ڪيا ويا آهن، هتي 5.2 جي شدت جي زلزلي کانپوءِ اهم شاهراهن کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي ۽ عوام کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.