جلدي ڪريو! نه ته جي ميل اڪائونٽ ڊليٽ ٿي ويندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ملٽي نيشنل ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل ڊسمبر 2023 کان گذريل 2 سالن کان غير فعال جي ميل اڪائونٽس کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اڪائونٽ ختم ٿيڻ سان ان سان لاڳاپيل سڀ سروسز به ختم ٿي وينديون.

ميڊيا رپورٽن موجب گوگل اڪائونٽ استعمال ڪندڙ جيڪي گهٽ ۾ گهٽ 2 سالن کان غير فعال آهن انهن کي اي ميلون اچڻ شروع ٿي ويون آهن جنهن ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن اهي لاگ ان نه ٿيا ته انهن جو اڪائونٽ 1 ڊسمبر 2023 تي ختم ٿي ويندو ۽ انهن کي مستقل طور تي ڊليٽ ڪيو ويندو.

هن سال مئي ۾ گوگل اعلان ڪيو هو ته اهي اڪائونٽ جيڪي گهڻي وقت کان استعمال نه ڪيا ويا آهن سي سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏئي سگهن ٿا، جنهن کي نظر ۾ رکندي گوگل پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪئي ۽ فيصلو ڪيو ته اهي اڪائونٽ جيڪي 2 سالن کان استعمال نه ڪيا ويا آهن ان کي بند ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.