بلوچستان ۾ ن ليگ، بي اي پي ۽ جي يو آءِ ۾ چونڊ اتحاد جو امڪان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ وڏو سياسي اتحاد ٺهڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب ن ليگ قائد نواز شريف جلد بلوچستان جو دورو ڪندو، بلوچستان عوامي پارٽي، جمعيت علماءِ اسلام ۽ ن ليگ جي اتحاد جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اتحاد ٺهڻ تي ٽئي جماعتون بلوچستان ۾ گڏجي چونڊ وڙهنديون ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جي حوالي سان فيصلو ڳالهين ۾ ٿيندو.

ذريعن موجب بي اي پي جو ڄام ڪمال وڏو وزير بڻائڻ جي شرط تي ن ليگ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته جي يو آءِ عبدالغفوري حيدري کي بلوچستان جو وڏو وزير بڻائڻ جو شرط رکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.