29 ارب ڪرپشن: حيدرآباد جو وڏو صنعتڪار وڏي ڪرپشن تي گرفتار

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) مشهور واپاري ۽ صنعتڪار اقبال زيڊ احمد کي حيدرآباد مان گرفتار ڪيو ويو.

اقبال زيڊ احمد ڄامشورو جوائنٽ وينچر لميٽيڊ سميت ٻين ڪمپنين جو مالڪ آهي.

ذريعن موجب گرفتار جوابدارن ۾ اقبال زيڊ احمد جا 2 پٽ پڻ شامل آهن.

اقبال زيڊ احمد خلاف قومي خزاني کي 29 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ جو ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، سندس خلاف مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.

ريفرنس ۾ اربين رپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي وئي آهي.

اقبال زيڊ احمد جي ڪمپنين مان ڪروڙين رپيا برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾ اماڻيا ويا.

ياد رهي ته ان کان اڳ به قومي احتساب بيورو (نيب) ڪراچي مان مني لانڊرنگ جي الزام ۾ بزنس ٽائيڪو اقبال زيڊ احمد کي گرفتار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.