ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب جي طلبي نوٽيس خلاف فريال ٽالپر جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.
فريال ٽالپر جي نيب طلبي خلاف درخواست 2019ع کان ٻڌڻي هيٺ آهي.
جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ فريال ٽالپر جي درخواست تي 13 نومبر تي ٻڌڻي ڪندي.
درخواست ۾ فريال ٽالپر نيب جو طلبي نوٽيس رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.