گورن سڄي ڪَسر شاهينن مان ڪڍي ڇڏي، پاڪستان جي شڪست سان واپسي

 

ڪلڪتو (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ جي 44هين ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 93 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڪلڪتي ۾ انگلينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 337 رنسون ٺاهيون.

انگلينڊ طرفان بين اسٽوڪس 84، جو روٽ 60، بيئراسٽو 59، ملان 31، بروڪ 30، بٽلر 27 رنسن جي اننگز کيڏي.

پاڪستان طرفان حارث رئوف 3، شاهين آفريدي ۽ وسيم جونيئر 2-2، افتخار احمد هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 43.3 اوورن ۾ 244 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان طرفان سلمان علي آغا 51، بابر اعظم 38، رضوان 36، حارث رئوف 35، سعود شڪيل 29، شاهين آفريدي 25 رنسون ٺاهون.

ورلڊ ڪپ جي پهرئين مرحلي ۾ ٻنهي ٽيمن جي اها آخري ميچ هئي، انگلينڊ 9 مان 3 ۽ پاڪستان 9 مان 4 ميچون کٽيون.

پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان پنجين ۽ انگلينڊ ستين تي نمبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.