بلاڪ باسٽر ڊرامي ”تيري بن“ کي پسند ڪندڙن لاءِ خوشخبري

 

پاڪستان جي سپر هٽ ڊرامي ”تيري بن“ جو سيزن 2 جلد ڏسندڙن لاءِ پيش ڪيو ويندو.

تيري بن ۾ مداحن مک ڪردار وهاج علي ۽ يمنيٰ زيدي کي ڏاڍو پسند ڪيو هو ۽ ان ڊرامي مقبوليت ۾ ڪيترائي رڪارڊ جوڙيا هئا.

هاڻ ڊرامي جي پروڊيوسر عبدالله ڪادواني سوشل ميڊيا تي اعلان ڪيو آهي ته ڊرامي جي ٻئي سيزن جي شروعات ڊسمبر جي پڄاڻي کان ٿي رهي آهي.

هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته تيري بن جي مداحن لاءِ خوشخبري! تيري بن سيزن ٽو 29 ڊسمبر 2023 کان پيش ڪيو پيو وڃي، وڌيڪ خوبصورت لمحن لاءِ تيار ٿي وڃو.

پروڊيوسر اهو واضح نه ڪيو ته 29 ڊسمبر کان ڊرامي جي شروعات ٿيندي يا ڊرامي جي شوٽنگ شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.