نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پرينتي چوپڙا پنهنجي مڙس راگهو چڊا لاءِ سوشل ميڊيا تي محبت ڀيريو پيغام جاري ڪندي کيس پنهنجي ” دوا “ قرار ڏئي ڇڏيو.
راگهو چڊا اڄ پنهنجي 35 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، ان موقعي تي سندس گهرواري اداڪارا پرنيتي چوپڙا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مڙس لاءِ محبت ڀريو پيغام جاري ڪيو.
پرينيتي چوپرا، راگهو سان گهاريل زندگي جا ڪجهه حسين پلن جون تصويرون انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيون.
View this post on Instagram
اداڪارا راگهو چڊا کي مخاطب ڪندي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اوهان خدا طرفان عطا ڪيل مڙني تحفن مان سڀ کان بهترين تحفو آهيو.
هن چيو ته اوهان جي ذهانت، اوهان جي سوچ مون کي متاثر ڪندي آهي، اوهان جي ايمانداري ۽ سچائي مون کي هڪ بهترين انسان بڻايو ، هن جديد دور ۾ به اوهان پراڻي روايتن جو احترام ڪيو ٿا.
پرنيتي چوپڙا چيو ته منهنجي ڪٽنب کي پنهنجو ڪٽنب سمجهو ٿا، ساڻس پيار ڪيو ٿا، اهو ڏسي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي ۽ اوهان جو پرسڪون رهڻ مون لاءِ دوا وانگر آهي.