هارڊ ايريا وارن لاءِ 33 پاڪنگ مارڪس، سنڌ هاءِ ڪورٽ اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ۾ پاسنگ مارڪس برابر نه هجڻ جي معاملي تي درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت دليل گهري ورتا.
پاسنگ مارڪس جي معاملي تي وڌيڪ ٽن اميدوارن عدالت سان رابطو ڪري ورتو، درخواست گذارن جو وڪيل عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو، عدالت کيس تياري سان پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي امتحان ۾ اميدوارن 38، 39 مارڪون حاصل ڪيون پر کين پاس نه ڪيو ويو، جڏهن ته هارڊ ايريا وارن کي 33 تي پاس قرار ڏنو ويو.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان هارڊ ايريا ۾ ٿا اچو؟ وڪيل چيو ته نه اسان سکر ۾ رهندا آهيون، اتي هارڊ ايريا ناهي.
عدالت چيو پوءِ توهان ڇو ٿا چئو ته پاس ڪيو وڃي، توهان مطئمن ڪيو ته درخواست ٻڌڻي جوڳي ڪيئن آهي؟ توهان تياري ڪري اچو ۽ سمورا دستاويز به کڻي اچو.
درخواست گذار چيو ته ڪابينا هارڊ ايريا وارن لاءِ پاسنگ مارڪس 33 مقرر ڪيون هيون، ٻين علائقن جي اميدوارن لاءِ پاسنگ مارڪس کي 40 مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.