ميرپورماٿيلي ۾ ڏيرن جو ڀاڄائي تي وحشياڻو تشدد، اسپتال ۾ ٻيهر حملو

ميرپور ماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ميرپور ماٿيلي ۾ ڏيرن ڀاڄائي کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
پوليس موجب ڳوٺ سمندر ڀٽو ۾ ڏيرن زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀاڄائي تي تشدد ڪيو، مسمات نواب خاتون زخمي حالت ۾ ٿاڻي پهتي.
پوليس ٻڌايو ته عورت کي ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪيو ويو، ڏيرن اسپتال پهچي عورت تي ٻيهر حملو ڪيو.
اسپتال ۾ حملي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي ايس ايس پي گهوٽڪي واقعي جو نوٽيس ورتو، پوليس عورت تي حملو ڪندڙ ٽن ڏيرن معشوق، آصف ۽ صفدر تي ڪيس داخل ڪري ٻن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته هڪ فرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.