پاڪستان ۾ هلندڙ سال پوليو جو پنجون ڪيس سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هڪ ٻيو پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي جنهن کانپوءِ هلندڙ سال تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ پنج ٿي ويو.

صحت کاتي موجب، ڪراچي جي اوڀر ضلعي ۾ 31 مهينن جي ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي، متاثر ٻارن جو واسطو يونين ڪائونسل گجرو سان آهي.

صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته يونين ڪائونسل گجرو مان هلندڙ سال جو چوٿون ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

صحت کاتي جي ترجمان موجب، پوليو گهٽ قوت مدافعت وارن ٻارن کي پنهنجو نشانو بڻائيندو آهي، پوليو خلاف ويڙهه ۾ پارٽنرز سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.

ترجمان چيو ته حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ تمام ضروري قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي، حساس علائقن ۾ اعليٰ معيار پوليو مهم ڪرائي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.