”مسجد اقصيٰ ريڊ لائين آهي، پنهنجي ڌرتيءَ جو تحفظ ڪندڙ حماس کي قبضاگيرن جهڙو نه سمجهيو وڃي“

رياض ( ويب ڊيسڪ ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته مسجد اقصيٰ اسان لاءِ ريڊ لائين آهي ۽ پنهنجي سرزمين جو تحفظ ڪندڙ حماس کي قبضاگيرن جهڙو نه سمجهيو وڃي.

غزا جي صورتحال تي اسلامي سهڪاري تنظيم ( آءِ او سي ) ۽ عرب ليگ جو گڏيل هنگامي اجلاس سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ جاري آهي.

اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان جو چوڻ هو ته اجلاس ڪوٺائڻ تي شاهه سلمان ۽ ولي عهد جو ٿورائتو آهيان.

هن چيو ته اسان فلسطين ڪاز لاءِ واضح حمايت جو اظهار ڪيون ٿا، غزا تي اسرائيل جي تازن ظلمن ۽ تشدد جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي.

هن چيو ته اسرائيل اسڪولن، پناهگير ڪئمپن  ۽ ٻين هنڌن تي بدترين بمباري ڪري رهيو آهي، شرمناڪ قدم ڪيئي ڏهاڪن کان هر هر ورجايا پياوڃن، اسرائيلي قابض فوج ۽ غيرقانوني آبادڪاري جهڙا قدم قبول ڪرڻ جوڳا ناهن.

سندس چوڻ هو ته غزا تي اسرائيلي بمباري تي پوري دنيا جي خاموشي شرمناڪ آهي، غزا ۾ ٻارن جا لوئل لاش ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي پر غزا ۾ هزارين شهادتن تي دنيا ۾ ڪنهن آڱر به ناهي کنئي، اسرائيلي قابضي فوج فلسطينين تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي.

جنگبندي جو مطالبو ڪندي اردگان چيو ته غزا ۾ عارضي نه مستقل جنگبندي ڪئي وڃي، جنگ ۾ انساني وقفو ڪافي ناهي، اسرائيل ۽ اسرائيلي اختيارين کي غزا ۾ ڏوهن جو ذميوار قرار ڏنو وڃي.

سندس چوڻ هوته اسرائيل غزا ۾ جنگ جي نقصانن جو پورائو ڪري، اسرائيلي جا ايٽمي هٿيار خطي لاءِ خطرو آهن، آءِ اي ايِ کي به ايٽمي طاقت اسرائيل جي اهڙي عمل جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

ترڪ صدر چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيلي ظلم وسارڻ جوڳا ناهن،  پئرس ۾ ڪجهه ماڻهو مئا ته دنيا گڏ ٿي وئي هئي، مسجد اقصيٰ اسان جي ريڊ لائين آهي، پنهنجي ڌرتي جو تحفظ ڪندڙ حماس کي قبضاگيرن جهڙو نه سمجهيو وڃي.

هن چيو ته انساني حقن جون ڳالهيون ڪندڙ اولهه وارن ملڪن جي فلسطين ۾ قتل عام تي خاموشي شرمناڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.