لاهور (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي جو جائزو وڍڻ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) هيڊ ڪوارٽرز ۾ ايندڙ هفتي اهم مشاورت ٿيندي.
ذريعن موجب، مئنيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين ذڪاءَ اشرف اڳوڻن ڪپتانن ۽ ڪرڪيٽرن سان ملاقاتون ڪندو.
واضح رهي ته ورلڊ ڪپ دوران به مئنيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين اڳوڻن ڪرڪيٽرن سان ملاقاتون ڪري چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقاتن ۽ مشاورت ۾ هاڻ تيزي اچڻ جو امڪان آهي، ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سربراهه مصباح الحق کان فيڊ بيڪ ورتو ويندو.
ذريعن موجب، بورڊ اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ کان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، عمر گل، اظهر علي، سعيد اجمل، مشتاق احمد، عاقب جاويد، محسن خان سان مشاورتي عمل ٿيندو.
اڳوڻي ڪپتان معين خان سان به مشاورت ڪئي ويندي، شاهد آفريديءَ سان چيئرمين ذڪاءَ اشرف ٻه ملاقاتون ڪندو.
چيئرمين ڪوچنگ اسٽاف ۾ ڦيرڦار بابت صلاح مشورا ڪندو، جڏهن ته ڪوچنگ اسٽاف جي معاهدن تي قانون مشاورت ٿيندي.
ذريعن موجب، ريڊ بال ۽ وائيٽ بال لاءِ ڌار ڌار ڪپتان به مشاورتي ايجنڊا ۾ شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوچنگ لاءِ جسٽن لينگر جو نالو پڻ گردش ڪري رهيو آهي.
ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪجهه اعليٰ عهديدار آسٽريليا جو دور ويجهو هئڻ سبب تبديليون نه ڪرڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن.