ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023 جي سيمي فائنل ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويو .
ورلڊ ڪپ جي 44 هين ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 338 رنسن جو هدف ڏنو، پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ اِهو 6.4 اوورن پورو ڪرڻو هيو پر پاڪستان ائين نه ڪري سگهيو.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڪولڪتا تاريخي ايڊن گارڊنز ۾ ميچ جاري آهي جتي انگلش ڪپتان جوس بٽلر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
انگلش ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 337 رنسون ٺاهيون.
England set a target of 338 for Pakistan 🎯#ENGvPAK | #CWC23 | #DattKePakistani pic.twitter.com/68HMaYLm8a
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) November 11, 2023
انگلينڊ جي آل رائونڊر بين اسٽوڪس 84 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ جو روٽ 60، جوني بيئرسٽو 59 ۽ ڊيوڊ ملان 31 رنسون ٺاهيون.
ان کانسواءِ هيري بروڪ 30، جوز بلٽر 27، معين علي اٺ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
پاڪستان جي حارث رئوف 3، محمد وسيم 3، شاهين آفريدي 2 ۽ افتخار احمد هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.