يوراج سنگهه جي زندگي تي فلم، عامر خان سمورا معاملا طئي ڪري ڇڏيا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار عامر خان ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائوندڙ يوراج سنگهه جي حياتيءَ تي فلم ٺاهڻ جا حق حاصل ڪري ورتا .

ڀارتي ميڊيا موجب، عامر خان ليجنڊري ڪرڪيٽر جي زندگي کي وڏي پردي تي ڏيکارڻ جو ارادو رکي ٿو جنهن ۾ ڪرڪيٽر جي زندگي جي لاهن چاڙهن کي ڏيکاريو ويندو.

يوراج سنگهه جي بائيوپِڪ واري خبر سندس مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو عامر خان جي پيشڪش جو شدت سان انتظار ڪري رهيا آهن.

عامر خان ۽ راج ڪمار هيراڻي 2014ع ۾ فلم پي ڪي ۾ گڏ ڪم ڪيو هو ۽ هلندڙ سال جولاءِ ۾ اِها خبر سامهون آئي هئي ته ٻئي هڪ بائيوپِڪ فلم ٺاهڻ تي متفق ٿي ويا آهن.

فلحال ان ڳالهه جي تصديق ناهي ٿي سگهي ته عامر ۽ راج ڪمار هيراڻي جنهن بائيوپِڪ فلم ۾ گڏ ڪم ڪندا اِها يوراج سنگهه جي حياتي تي هوندي يا مسٽر پروفيڪٽ جو ڪو الڳ پروجيڪٽ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.