او آءِ سي ۽ عرب ليگ جو هنگامي اجلاس، غزا ۾ ترت جنگبندي جو مطالبو

رياض(ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب ۾ عرب ليڪ ۽ اسلامي ملڪن جو گڏيل سربراهي اجلاس جاري آهي جنهن ۾ فلسطين جي علائقي غزا ۾ جاري اسرائيلي رياستي دهشتگردي خلاف حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، غزا جي صورتحال تي اسلامي سهڪاري تنظيم ( آءِ او سي ) ۽ عرب ليگ جو گڏيل هنگامي اجلاس سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ جاري آهي، اجلاس ۾ غزا ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، ايراني صدر ابراهيم رئيسي، فلسطين جي صدر محمود عباس، قطري امير ۽ ٻين ملڪن جي سربراهن سميت نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ به شريڪ آهي، جڏهن ته وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ به سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو.

ان کان اڳ وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي هن فلسطيني عوام سان پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو.

ايران جي صدر ابراهيم رئيسي به اجلاس ۾ شريڪ آهي، مارچ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بحالي تي اتفاق کانپوءِ  ايراني صدر جو سعودي عرب جو پهريون دورو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.