”اسرائيل فلسطينن جو قتل عام بند ڪري“ فرانسيسي صدر پاران جنگبندي جو مطالبو

پئرس ( ويب ڊيسڪ ) فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته غزا تي بمباري ۽ فلسطينن جو قتل عام بند ڪري.

پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويو ۾ فرانسيسي صدر حماس طرفان اسرائيل تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي پر غزا ۾ عام شهرين تي اسرائيلي بمباري جو ڪو جواز نه آهي.

صدر ميڪرون چيو ته اسرائيل تي زور ڏيون ٿا ته هو غزا تي بمباري بند ڪري، غزا تي حملن ۾ ٻار، عورتون ۽ بزرگن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جنگبندي سان اسرائيل کي ئي فائدو ٿيندو.

سندس چوڻ هوته پئرس ۾ ٿيل انساني بنيادن تي امداد بابت ڪانفرنس ۾ شامل سمورن نمائندن جو واضح موقف هو ته ان کانسواءِ ٻيو ڪو حل نه آهي ته انساني همدرديءَ جي بنياد تي جنگبندي ڪئي وڃي جنهنڪري سمورن شهرين جي حفاظت ممڪن ٿي سگهي.

ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو فرانسيسي صدر جي انٽرويو تي ردعمل ڏيندي چيو ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جيڪي ڏوهه اڄ غزا ۾ ڪري رهي آهي اِهي سڀاڻي پئرس، نيويارڪ ۽ دنيا ۾ ڪٿي به ٿي سگهن ٿا.

ياد رهي ته ست آڪٽوبر کان اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هنيئر تائين يارنهن هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ چار هزار پنج سئو چهه ٻار پڻ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.