منرل واٽر صحت لاءِ ڇو هاڃيڪار آهي؟ سبب سامهون اچي ويو

پاڻي اسان جي زندگي جو لازمي جُز آهي، انساني جسم جو 70 سيڪڙو حصو پاڻي تي ٻڌل آهي، اهو ئي سبب آهي جو پاڻي کي گڏيل صحت لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آهي.

قديم زماني کان گھرن ۾ پاڻي کي اُٻاري استعمال ڪيو ويندو هو، پر جيتوڻيڪ هاڻ دنيا اڳتي وڌي آئي آهي ته اٻريل پاڻي جي جاءِ تي منرل واٽر جو استعمال ٿي رهيو آهي.

طبي ماهرن منرل واٽر استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي، پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ دستياب اهو پاڻي انساني صحت لا3 هر طرح کان هاڃيڪار آهي.

هڪ تحقيق موجب ڪجه منرل واٽر ڪمپنيون خراب معيار جي پلاسٽڪ بوتلن جو استعمال ڪنديون آهن. ان پلاستڪ جا هاڃيڪار جُز پاڻي ۾ شامل ٿي ويندا آهن.

فوڊ اينڊ ڊرگ اٿارٽي موجب منرل واٽر ۾ پوٽاشيم، سوڊيم، ڪيلشيم، فاسفورس، ميگنيشيم ۽ سلفر وغيرا شامل هوندو آهي. اها معدنيات انساني جسم ۾ هڏن کي مضبوط رکڻ کانسواءِ بلڊ پريشر کي به مناسب رکندي آهي.

هڪ ٻي تحقيق موجب منرل واٽر جو استعمال انساني جسم کي هي فائدا فراهم ڪندو آهي.

دل جي صحت

پاڻي ۾ موجود معدنيات دل جي ڌڙڪي کي ڪنٽرول ڪندي آهي، روز جي بنياد تي منرل واٽر جو استعمال ڪولسٽرول جي سطح کي برقرار رکڻ ۽ رت ۾ ٽرائيگليسرائيڊ جي سطح کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

هڏن جي مضبوطي

هڏن جي بناوٽ ۽ مضبوطي ۾ ڪيلشيم جو واضح ڪردار آهي، ڊيري شين کانسواءِ ان کي منرل واٽر مان به حاصل ڪري سگھجي ٿو.

قبض جو علاج

منرل واٽر ۾ موجود ميگنيشم سلفيٽ ۽ سوڊيم سلفيٽ آنڊن جي حرڪتن کي منظم ڪندي قبض جي مسئلن کي ختم ڪندو آهي.

منرل واٽر جتي فائديمند آهي اتي ان جي ناقص پيڪنگ انساني صحت لاءِ گھڻي هاڃيڪار آهي.

ڏندن جي خرابي

منرل واٽر جي تيزابيت ڏندن تي موجود قدرتي تهه کي متاثر ڪندي آهي جنهن سان ڏند جلد خراب ٿي سگھن ٿا.

زهريلي پلاسٽڪ

پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ بسفينول نالي مادو شامل هوندو آهي جيڪو جسم لاءِ ڪجهه اهم هارمونز کي متاثر ڪندو آهي. پر ماهرن موجب پلاسٽڪ جسم جي ڪجهه جيوگھرڙن جي خرابي يا ڪينسر جهڙن موتمار مرضن جو به سبب ٿي سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.