ورلڊ ڪپ: مارش جو ون مين شو، آسٽريليا جي بنگلاديش کي شڪست

پوني (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 43 هين ميچ ۾ آسٽريليا بنگلاديش کي اٺ وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

پوني ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا بنگلاديش خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو صحيح ثابت ٿيو.

بنگلاديش پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 306 رنسون ٺاهيون.

بنگلاديش جي توحيد هردوئي 74 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان نجم الحسن شانتو 45  تنزيد حسن ۽ لٽن داس 36، 36 رنسون اسڪور ڪيون، محمود الله 32، مشفيق الرحيم 21، مهدي حسن ميراز 29 ۽ نسم احمد 7 رنسون ٺاهيو.

آسٽريليا طرفان شان ايبٽ ۽ ايڊم زمپا ٻه، ٻه جڏهن ته مارڪس اسٽوئنس هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

آسٽريليا، بنگلاديش جو 307 رنسن جو هدف 45 هين اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

آسٽريليا طرفان مچل مارش 177 رنسن شاندار اننگز کيڏي، اسٽيو سمٿ 63 ۽ ڊيوڊ وارنر 53 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

بنگلاديش جي تسڪين احمد ۽ مسفيض الرحمان هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، شاندار بيٽنگ تي مچل مارش کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.