نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي اداري اسرائيلي بربريت سبب اتر غزا کي ڌرتي جو دوزخ قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، غزا ۾ اسرائيل طرفان زميني ۽ هوائي حملا جاري آهي جنهن نتيجي ۾ لکين بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ هزارين فلسطيني شهري جان بچائڻ لاءِ اسپتالن يا گڏيل قومن جي ڪئمپن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب، اسرائيل طرفان هاڻ اسپتالن تي به حملا ڪيا پيا وڃن جنهن سبب اتر غزا مان اٽڪل هڪ لک فلسطيني پيادل لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن.
اسرائيلي فوجي ترجمان موجب، گذريل ٻن ڏينهن دوران هڪ لک فلسطيني اتر غزا کان ڏکڻ غزا منتقل ٿيا جن ۾ ٻار ۽ زخمي پڻ شامل آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب فلسطينين جي نسل ڪشي تي لٿل اسرائيل جي جارحيت مسلسل جاري آهي ۽ صيهوني فورسز ڏکڻ غزا ڏانهن لڏپلاڻ ڪندڙ فلسطيني شهرين تي به حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ٻڌايو پيو وڃي ته اسرائيلي فوج پناهگيرن جي ڪئمپ الشاطي ۽ اولهه وارن علائقن تائين پکڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
ٻئي پاسي گڏيل قومن جي ماتحت انساني همدردي واري اداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو غزا جي اتر ۾ امدادي ٽرڪ پهچائڻ کان لاچار آهن جتي هنيئر به لکين ماڻهو ترسيل آهن، جيڪڏهن دنيا تي ڪو دوزخ آهي ته اهو اتر غزا آهي.