واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ) عالمي سطح تي اسرائيل جي مذمت ۽ آمريڪا اندر فلسطينن جي حق ۾ اٿندڙ آوازن اثر ڏيکاري ڇڏيو، سخت عوامي دٻاءُ سبب اسرائيل جو دفاع ڪندڙ انٽوني بلنڪن اسرائيل بابت پنهنجو بيانيو تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو.
گذريل چئن هفتن کان بائيڊن انتظاميا جي اسرائيلي وزيراعظم جي مضبوط حمايت ۽ غزا ۾ جاري اسرائيلي بربريت جي دفاع واري بيانيي ۾ هڪ اهم تبديلي سامهون آئي آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن گذريل ڏينهن ڳالهه ٻول ڪندي غزا ۾ عام شهرين کي نشانو بڻائڻ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي اسرائيل کي پنهنجي هدف کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي تنبيهه ڪئي.
آمريڪي خابرو اداري سي اين اين جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ انٽوني بلنڪن اسرائيلي قدمن جي مذمت ناهي ڪئي پر بلنڪن جي اهڙي بيان کي بائيڊن انتظاميا جي اسرائيل بابت بيانيي ۾ هڪ اهم تبديلي قرار ڏنو پيو وڃي.
بلنڪن جو چوڻ هو ته غزا ۾ تمام گهڻا فلسطيني مارجي ۽ لکين متاثر ٿي چڪا آهن، اسان کين وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين ۽ وٽن وڌ کان وڌ مدد پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.
هن چيو ته اسرائيل سان ڳالهين دوران غزا واري معاملي تي ڪجهه اهم اڳڀرائي ٿي آهي پر اِها اڃا ناڪافي آهي.