مهاڀاري جنگ جي يادگار سميت مختلف هنڌن تي فلسطين جي حق ۾ احتجاج ڪرڻ تي بندش

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) لنڊن ۾ پوليس طرفان فلسطين جي حق ۾ ٿيندڙ مظاهرن کان ڊنل، چرپر ۾محدود ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن جي ويجهو وڃڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، اسٽاپ دي وار تنظيم طرفان ڇنڇر جي ڏينهن فلسطينن سان ايڪي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي ويندي پر ان کان اڳ لنڊن پوليس مهاڀاري جنگ جي يادگار ” سينوٽاف “ ويجهو وڃڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.

پوليس موجب، احتجاج ڪندڙ يادگار جي ويجهو وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين گرفتار ڪيو ويندو جڏهن ته مظاهرين جي آمريڪي ۽ اسرائيلي سفارتخانن جي ويجهو وڃڻ تي پابندي آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب، پوليس طرفان احتجاج ڪندڙن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته لنڊن ۾ يهودي ڪميونٽي وارن علائقن ۾ گاڏين تي فلسطيني جهندو ڦڙڪائڻ وارن کي پڻ روڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.