” پاڪستان مخالفن سان ڳالهائڻ پسند ناهي“ بابر جو عرفان پٺاڻ کي انٽرويو ڏيڻ کان انڪار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم اڳوڻي ڀارتي فاسٽ بالر عرفان پٺاڻ کان انٽرويو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پاڪستان جي سينيئر اسپورٽس جرنلسٽ نسيم راجپوت دعويٰ ڪئي آهي ته ڪپتان بابر اعظم اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ کي انٽرويو ڏيڻ کان انڪار ڪيو .

نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام جي وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ نسيم راجپوت ٻڌايو ته عرفان پٺاڻ ورلڊ ڪپ جي براڊ ڪاسٽر اسٽار اسپورٽس لاءِ بابر اعظم کان انٽرويو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن چيو ته عرفان پٺاڻ، بابر وٽ ويو ته پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان چيو ته پاڪستان خلاف جيڪي ماڻهو گهڻو ڳالهائيندا آهن هو انهن سان ڳالهائڻ پسند ناهي ڪندو، ائين چئي بابر گرائونڊ مان ٻاهر هليو ويو.

نسيم راجپوت موجب، هن اِها رپورٽ ڀارتي ميڊيا تي ڏٺي جيڪا کيس مستند لڳي.

ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا تي اهڙي قسم جي دعويٰ کي غلط قرار ڏنو ۽ چيو ته اهڙي قسم جي خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عرفان پٺاڻ نه پر بنگلاديش جي هڪ ٽي وي چئنل بابر اعظم جي اجازت کانسواءِ سندس انٽرويو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هي جنهن تي هن انڪار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.